ديوان انجم

ديوان انجم

ديوان انجم

ديوان انجم (ڪتاب): هالا جي نامور شاعر الحاج آخوند عبدالرحمان ’انجم‘ هالائيءَ جي غزلن جو ’ديوان انجم‘ حاجي فيض محمد (چڪري بازار) نوابشاهه واري 1957ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو هو. ديوان جو ديباچو ’انجم‘ هالائيءَ لکيو آهي ۽ ديوان جو انتساب ’گهڻيءَ محبت، خلوص ۽ عقيدتمنديءَ مان محبوب الشعراء حضرت مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ کي ڪيو آهي. ڪتاب جو پيش لفظ ڊاڪٽر محمد ابراهيم خليل صدر جميعة الشعراء لکيو آهي. جنهن ۾ انجم هالائيءَ جي شعري خوبين ۽ فني خوبصورتيءَ تي تفصيل سان لکيو ويو آهي، جڏهن ته تقريظ حافظ محمد احسن چنا جي لکيل آهي. مخدوم طالب الموليٰ جا تاثرات ’ارشاد گرامي‘ جي نالي سان ڏنا ويا آهن، جڏهن ته تعارف شيخ عبدالله ’عبد‘ جو لکيل آهي. ان کان سواءِ ديوان جي غزلن شروع ٿيڻ کان اڳ حاجي محمود ’خادم‘ سيڪريٽري جمعية الشعراء جو ’تحفهء دعا‘ عنوان سان ليک شامل ڪيو ويو آهي. ’ديوان انجم‘ ۾ الف ب وار رديفن سان غزل شامل آهن ۽ آخر ۾ غلام حسين ’اثيم‘ ٺاروشاهي، احمد علي خادم، شيخ عبدالرسول، خورشيد اختر غمگين، محمد حسن ’ڪمار‘، مولوي مير محمد ’مداح‘ الهه بچائي مجبور ۽ نظر سنڌيءَ جون قطعه تاريخون ڏنل آهن. ڪرائون سائيز جي 244 صفحن جي هن ڪتاب جي قيمت 3 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو